اسلام آباد – 07 فيبر??ري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا چونڊ سڌارن بابت پارلياماني ڪميٽي جي سفارشن جي منظ??ري ڏئي ڇڏي آهي جيڪي ايندڙ مهيني بل جي صورت ۾ پارليامينٽ ۾ پيش ڪيون وينديون جنهن تحت اليڪشن ڪميشن کي مڪمل انتظامي ۽ مالياتي خودمختياري ڏني ويندي، چونڊ تڪ وڌائڻ جي حوالي سان فيصلو آدمشماري کانپوءِ ڪيو ويندو. ڪابينا ورڪنگ بائونڊري تي ڀارتي فائرنگ سبب شهيد ٿيندڙن جي پونيئرن کي 5 لک رپيا ۽ سخت زخمين کي ڏيڍ لک رپين جي ادائيگي جي پڻ منظ??ري ڏني آهي. افغان پناهگيرن جي رجسٽريشن جو عمل ڊسمبر 2017ع تائين مڪمل ڪيو ويندو ۽ سرحد تي اميگريشن جا قانون لاڳو ڪيا ويندا. اها ڳالهه قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌائي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ??يو ته سڄي ملڪ ۾ 46 جديد اسپتالون هنگامي بنيادن تي تعمير ڪيون پيون وڃن.
وفاقي ڪابينا پاران پارلياماني ڪميٽي جون سفارشون منظور
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں