ڪراچي – 21 مئي (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته عوام کي پنهنجا حق ح??صل ڪرڻ جي لاءِ ٻين تي دارومدار ڪرڻ بدران پنهنجي اندر خوداعتمادي پيدا ڪرڻ گهرجي، اهڙي ئي طرح معاشري ۽ رياست پاران لاڳو ٿيندڙ ذميوارين جي ادائيگي ۾ پڻ ڪا ڪوتاهي نه ڪرڻ گهرجي. صدر اها ڳالهه زندگي جي مختلف ??عبن سان تعلق رکندڙ وفدن سان ڳالهائيندي چئي. وفدن ۾ قانوندانن، تعليمي ماهرن ۽ دانشورن سميت معاشري جا نمائنده ماڻهو شامل هئا. صدر چيو ته قومي ترقي کي حقيقي بنياد تعليم فراهم ڪري ٿي، ان لاءِ ضروري آهي ته تعليمي ادارن ۾ م??ياري نطم ۽ ضبط قائم ٿئي ۽ تعليم جي معاملي ۾ ڪنهن به ڪوتاهي کان ڪم نه ورتو وڃي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ