ڊيووس – 24 جنوري (??ي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان بل ۽ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن جي ڪو چيئرمين بل گ??ٽس عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي ڊيووس ۾ ملاقات ڪئي. نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشن اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وفا??ي وزير سائره افضل تارڙ، اطلاعات، نشريات، قومي ت??ريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جو خصوصي معاون علي جهانگير صديقي ۽ سينيئر سرڪاري عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم بل ۽ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن پاران پاڪستان ۾ خاص طور تي پوليو جي خاتمي جي پروگرام جي لاءِ مدد کي ساراهيندي ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ صحت، تعليم ۽ ٻين سماجي شعبن ۾ حصيداري جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
مضمون کا ماخذ : loteria estadual