اسلام آباد – 14 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ضمني چونڊن جي نتيجن مان ثابت ٿي ويو آهي ته عوام پي ٽي آءِ سان گڏ آهي، پي ٽي آءِ هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي قو??ي پارٽي بڻجي سامهون آئي آهي، پي ٽي آءِ حقيقي معنيٰ ۾ وفاق جي علامت بڻجي اڀري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مختلف ٽي وي چينلز سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته قومي اسيمبلي جي 11 مان 6 س??ٽن تي پي ٽي آءِ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي جڏهن ته 2 س??ٽن تي وڏو سخت مقابلو آهي، ان لاءِ اسان جي لاءِ ضمني چونڊن جا نتيج?? حوصلي جوڳا آهن. هن چيو ته سڀ کان حوصلي جوڳي ڳالهه اها آهي ته س??ورن صوبن ۾ پي ٽي آءِ جي نمائندگي نظر اچي رهي آهي ڇو ته چونڊن ۾ اسان سمورن صوبن مان کٽي آيا آهيون جنهن جو مطلب آهي ته پي ٽي آءِ واحد قو??ي پارٽي آهي جڏهن ته باقي پارٽيون ته صوبائي پارٽيون آهن.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق