اسلام آباد – پهر??ن مارچ (اي پي پي) پاڪستان ??ي پارليامينٽ گڏيل قرارداد جي متفقه طور تي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن ۾ 26 ۽ 27 فيبروري تي پاڪستان جي خلاف ڀارتي جارحيت جي شديد مذمت ڪندي ڀارتي دعوائن کي مڪمل طور تي رد ڪيو ويو ??هي ۽ چيو ??هي ته سڄي پاڪستاني قوم پنهنجي هٿياربند فوج سان گڏ بيٺي آهي، پاڪستان 27 فيبروري تي پنهنجي دفاع جي حق، عزم ۽ صلاحيت جو مظاهرو ڪيو ??هي، پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس دوران پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پاران سڀني سياسي پارٽين جي مشاورت کانپوءِ پيش ڪيل قرارداد ۾ چيو ويو ??هي ته گڏيل اجلاس 26 ۽ 27 فيبروري تي ڀارتي جارحيت جي سخت مذمت ڪري ٿو جيڪو گڏيل قومن ??ي پڌرنامي، عالمي قانونن ۽ رياستن جي وچ ۾ قدرن جي سخت خلاف ورزي آهي.
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا