اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪراچي جي عوام کي صاف پاڻي جي فر??همي، سيوريج، سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ، نالن جي صفا??ي ۽ ٽرانسپورٽ جي حوالي سان بي شمار مسئلا درپيش آهن، ماضي ۾ انهن مسئلن جي حل کي نظر انداز ڪيو ويندو رهيو، تازين برساتن انتظامي ڍانچي جي مسئلن کي اجاگر ڪيو جنهن جي وفاقي حڪومت کي مڪمل ڄاڻ آهي، ??زيراعظم آفيس جي ميڊي?? ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ”ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان“ جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، سينيٽر شبلي فر??ز، سيد امين الحق، سيد علي حيدر رضوي، سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل (وڊيو لنڪ)، اين ڊي ايم اي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل ۽ لاڳاپيل کا??ن جا سيڪريٽريز شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ ڪراچي جي پراڻي مسئلن جي حل جي حوالي سان جامع منصوبي ”ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان“ جو جائزو ورتو ويو، اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته صاف پاڻي جي فر??همي، سيوريج، سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ، نالن جي صفا??ي ۽ ٽرانسپورٽ جي حوالي سان ڪراچي جي عوام کي بي شمار مسئلا درپيش آهن، بدقسمتي سان ماضي ۾ انهن مسئلن جي مستقل بنيادن تي حل کي نظر انداز ڪيو ويندو رهيو، هن چيو ته تازين برسا??ن جتي انتظامي ڍانچي جي مسئلن کي اجاگر ڪيو اتي ڪراچي جي عوام کي تمام گهڻن مسئلن جي ور چاڙهيو آهي، جنهن جي وفاقي حڪومت کي مڪمل ڄاڻ آهي.
ڪراچي جي مسئلن جي وفاقي حڪومت کي مڪمل ڄاڻ آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز