اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ ترب??لا پنج توسيع منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ لاءِ ترب??لا پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ترب??لا 5 توسيع منصوبو 807 ملين ڊالر جي لاڳت سان تعمير ڪيو پيو وڃي. ورلڊ بئنڪ ۽ ايشين انفرااسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ منصوبي جي تعمير لاءِ ??ال?? مدد فراهم ڪر?? رهيو آهن، منصوبو صرف ٽن سالن جي ننڍي مدي ۾ 2024ع تائين مڪمل ڪيو ويندو، منصوبي جو بنيادي مقصد مستقبل ۾ ترب??لا ڊيم کي مٽي ڀرجڻ جي خطرن کان محفوظ بڻائي، پراجيڪٽ جي ڪري ترب??لا ڊيم مان زرعي مقصدن لاءِ پائيدار بنياد تي پاڻي جي دستيابي جار?? رهندي. ترب??لا 5 توسيع منصوبي سان 1530 ميگاواٽ ماحول دوست ۽ سستي پن بجلي به حاصل ٿيندي. منصوبو هر سال نيشنل گرڊ کي هڪ ارب 34 ڪروڙ يونٽ سستي بجلي مهيا ڪندو. ترب??لا پنج توسيع منصوبي جي تعمير جي ڪري ملازمتن جا 3 هزار موقعا پيدا ٿيندا، منصوبي جي ڪري ترب??لا کان بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت 4 هزار 888 ميگاواٽ کان وڌي 6418 ميگاواٽ ٿي ويندي، ترب??لا پنج توسيع منصوبو پاڪستان جي پاڻي، خوراڪ ۽ توانائي جي اهم ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.
وزيراعظم تربيلا پنج توسيع منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ لاءِ تربيلا پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena