ڪراچي – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو آهي ته پاڪستاني قوم ماحوليات جي شعبي جي بهتري جو ڪم هڪ جذبي تحت شروع ڪيو آهي، وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخواهه ۾ صوبائي حڪومت جي دوران ??احول جي بهتري لاءِ بلين ٽري سونامي منصوبو شروع ڪيو. مزار قائد جي اڱڻ ۾ جناح اربن فاريسٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته منهنجي دور ۾ ايوان صدر ۾ اٽڪل 10 هزار ٻوٽا لڳايا ويا آهن. هن چيو ته ڪراچي ۾ هڪ لک کان ??ڌيڪ ٻوٽا شهرين کي گهر جي درن تي فراهم ڪيا ويا آهن. ان کانپوءِ هڪ نئين سوچ تهت پنسلون سان گڏ ٻج لڳائي اسڪولن ۾ ورهايا ويا آهن. صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو ته نه رڳو ٻوٽا ورهايا ويا آهن پر اسڪولن ۾ هر ڪلاس جي سطح تائين وڻڪاري دوران ??وان ??ڳايا ويندڙ ٻوٽن جي حفاظت جي ذميواري پڻ شاگردن کي ڏني وئي آهي. هن چيو ته شهر ۾ ڪاروباري، سماجي ذميواري جي بنياد تي 15 ايڪڙ زمين تي مياواڪي ٻيلو لڳائڻ جي لاءِ پڻ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته ڪوويڊ 19 جي وبا دوران سڄي دنيا ۾ ماحول بهتر ٿيو آهي جنهن جو مطلب آهي ته قدرت اسان کي ماحوليات جي شعبي تي ڌي??ن ڏيڻ جا اشارا ڪري رهي آهي. ڊاڪٽر ع??رف علوي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته اسان جا سياح غيرذميواري جو مظاهرو ڪندي سياحتي جاين تي ڪچرو اڇلائي ڇڏين ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۾ ئي نه پر ع??لمي سطح تي اهو هڪ مسئلو بڻجي چڪو آهي ۽ سياحتي جاين تي اڇلايو ويندڙ ڪچري کي گڏ ڪري ٺڪاڻي لڳائڻ هڪ مسئلو بڻجي چڪو آهي. صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو ته اهو تاثر غلط آهي ته حڪومت پنهنجي وڌيڪ بجيٽ دفاع تي خرچ ڪري ٿي جڏهن ته حقيقت اها آهي ته حڪومت بجيٽ جو هڪ وڏو حصو تعليم تي خرچ ڪري ٿي.
پاڪستاني قوم ماحوليات جي شعبي جي بهتري جو ڪم هڪ جذبي تحت شروع ڪيو آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس