اسلام آباد – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قومي مفاد کي نظر ۾ رکندي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم عوامي ريليف جي ڏس ۾ اوگرا ۽ ناڻي واري وزارت پاران پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي جي ت??ويز رد ڪري ڇڏي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب اوگرا عالمي منڊي ۾ پيٽروليم جي وڌندڙ قيمتن جي ڏس ۾ پهرين نومبر کان پاڪستان ۾ پيٽرول جي قيمت 11.53 رپيا، هائي اسپيڊ ڊيزل 8.49 رپيا، گاسليٽ 6.29 رپيا ۽ لائيٽ ڊيزل 5.72 رپيا وڌائڻ جي ت??ويز ڏني هئي جڏهن ته وزيراع??م تجويز ڪيل اضافي کي رد ڪندي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن کي وڌائڻ کان روڪي ڇڏيو. حڪومت عالمي سطح تي وڌندڙ مهانگائي جو ??ار عوام تي منتقل ڪرڻ بدران عوام جي ريليف کي ت??جيح ڏئي رهي آهي. اوگرا پاران تجويز ڪيل تازي اضافي جي مد ۾ عوام تي پوندڙ ??ار کي حڪومت پاڻ برداشت ڪري رهي آهي.
وزيراعظم عمران خان پاران قومي مفاد کي نظر ۾ رکندي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو نه ڪرڻ جو فيصلو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں