اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??وڌري فواد حسين چيو آهي ته وز??را??ظم هڪ ٻن ڏينهن ۾ قوم کي اقتصادي صورتحال تي اعتماد ۾ وٺندو ۽ مهانگائي جي حوالي سان پئڪيج جو اعلان ڪندو، پنجاب ۾ ميئر جون چونڊون سڌوسنئون ٿينديون، عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ مسلسل اضافي تي ڳڻتي آهي، توانائي جي بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري رهيا آهيون، هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي ان پئڪيج مان سڌوسنئون فائدو کڻندي، اعظم سواتي ۽ منهنجي خلاف اليڪشن ڪميشن جا نوٽيسز بي بنياد ۽ ناانصافي تي ٻڌل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي وز??را??ظم جو خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل پڻ موجود هو. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ مهانگائي ۽ خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جي بلدياتي چونڊن جي حوالي سان ٻن بنيادي ايجنڊائن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، وز??را??ظم هڪ ٻن ڏينهن ۾ مهانگائي جي حوالي سان هڪ وڏي پئڪيج جو اعلان ڪندو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي فائدو کڻندي. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته اسان کي عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ مسلسل اضافي تي ڳڻتي آهي. هن چيو ته اسان توانائي جي بحران کي منهن ڏيڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪري رهيا آهيون. پنجاب ۾ مقامي حڪومتن جي چونڊن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته پنجاب ۾ مقامي حڪومتن جون چونڊون سنڌوسنئون ٿينديون، وز??را??ظم ۽ ڪور ڪميٽي فيصلو ڪيو آهي ته پنجاب ۾ شهرن ۽ ضلعن جي ميئرز جي چونڊ سڌوسنئون ٿيندي، وز??را??ظم پهرين ڏينهن کان ڊائريڪٽ ڊيموڪريسي جو واعدو ڪيو هو، ان ڏس ۾ تياري حتمي مرحلن ۾ آهي. هن چيو ته وز??را??ظم پوري پارٽي کي هدايت ڪئي آهي ته اها مقامي حڪومتن جي چونڊن جي لاءِ متحرڪ ٿئي، پنجاب جي ضلعن ۾ نامزدگي جو سلسلو شروع ڪري رهيا آهيون، اهڙي طرح خيبرپختونخواهه ۾ مقامي حڪومتن جي چونڊن جي لاءِ مهم شروع آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته اليڪشن ڪميشن پاران اعظم سواتي ۽ مُون کي موڪليل نوٽيسز زيادتي تي ٻڌل آهن، جنهن کي فوري واپس ٿيڻ گهرجي. ان موقعي تي وز??را??ظم جي خاص معاون شهباز گل ڳالهائيندي چيو ته اعظم سواتي ۽ چوڌري فواد حسين کي اليڪشن ڪميشن پاران نوٽيس تي پوري ڪور ڪميٽي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي، جمهوري ملڪن ۾ جمهوري رويا اهڙي طرح ناهن هوندا. هن چيو ته وز??را??ظم هڪ ٻن ڏينهن ۾ قوم کي اقتصادي صورتحال تي اعتماد ۾ وٺندو ۽ مهانگائي جي حوالي سان پئڪيج جو اعلان ڪندو.
وزيراعظم هڪ ٻن ڏينهن ۾ قوم کي اقتصادي صورتحال تي اعتماد ۾ وٺندو ۽ مهانگائي جي حوالي سان پئڪيج جو اعلان ڪندو: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : loteria instantânea