اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مريءَ ۾ سخت برفباري جي ڪري ٿيندڙ سانحي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي افسوس جو اظهار ڪي?? آهي. جاري بيان ۾ صدر فوت ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪندي مرحومن جي ايصال ثواب ?? پونيئرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي آهي. صدر چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ سندس همدرديون گهرڀاتين سان گڏ آهن. صدر اميد جو اظهار ڪي?? ته انتظاميا مريءَ ۾ ڦاٿل ٻين ماڻهن کي جلد حفاظت سان ڪڍي وٺندي.
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری