اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ترڪمانستان جي صدر گربانگولي بردي محمدوف ۽ نئين چونڊيل صدر سردار بردي محمدوف سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن ٻنهي اڳواڻن سان مختلف ٻطرفن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڳالهه ٻولهه دوران صدر ڊاڪٽر عارف علوي ترڪمانستان جي صدر گربانگولي بردي محدوف کي 12 مارچ 2022ع تي صدارتي چونڊون ڪاميابي سان منعقد ڪرڻ ۽ سندس پٽ سردار بردي محمدوف جي فتح تي مبارڪباد ڏن??. هن چيو ته اها شاندار فتح ترڪمانستان جي عوام جي م??جوده قيادت جي ويزن تي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿي. هن نومبر 2021ع ۾ 15 هين اي سي او سربراهه اجلاس جي م??قعي تي ترڪمان هم منصب سان پنهنجي م??اقات کي انتهائي نتيجاخيز قرار ڏن??. صدر رابطا وڌائڻ، سياحت ۾ اضافي ۽ عوامي رابطا وڌائڻ تي پڻ زور ڏن??. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??سمبر 2021ع ۾ اسلام آباد ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 17هين غيرمعمولي اجلاس ۾ ترڪمانستان جي شرڪت کي ساراهيو. هن ترڪمانستان جي صدر گربانگولي بردي محدوف کي ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي 30 هين سالگرهه تي مبارڪباد ڏن??. نئين چونڊيل صدر سردار بردي محمدوف سان ڳالهائيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يس ترڪمانستان جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏن?? ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته هو ٻطرفن لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي ويندو. هن تاپي گئس پائيپ لائين منصوبي جي لاءِ پاڪستان جي تعاون کي ورجايو. هن ٻنهي م??ڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ ٻطرفي واپاري ڪاٿي ۾ اضافي ۽ اقتصادي تعاون کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏن??. صدر 22 – 23 مارچ 2022ع تي اسلام آباد ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي ايندڙ 40 هين اجلاس ۾ شرڪت تي ترڪمانستان جا ٿورا مڃيا. صدر خطي خاص طور تي افغانستان ۾ امن ج?? فروغ سان گڏوگڏ اسلامو فوبيا جي چئلينج کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي پڻ زور ڏن??.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي ترڪمانستان جي صدر گربانگولي بردي محمدوف ۽ نئين چونڊيل صدر سردار بردي محمدوف سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : números sorteados lotomania