اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سع??دي فرمانروا شاهه سلمان ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن ??لمان کي عيد جي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم شهباز شريف ٽوئيٽر تي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ سع??دي عرب جي ٽي ڏينهن جي سرڪاري دوري دوران پاڪستاني وفد جي شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي سع??دي ولي عهد جا ٿورا پڻ مڃيا. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ سلطنت سع??دي عرب گهرن رابطن ۽ تعاون جي نئين دور ۾ داخل ٿي چڪا آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آئون ولي عهد شهزاده محمد بن ??لمان پاران شاندار استقبال ۽ شاندار مهمان نوازي جي لاءِ ٿورا ادا ڪرڻ چاهيان ٿو. وزيراعظم هڪ ٽوئيٽ ۾ سع??دي فرمانروا شاهه سلمان، ولي عهد شهزاده محمد بن ??لمان ۽ سلطنت سع??دي عرب جي عوام کي عيدالفطر جي مبارڪباد پڻ ڏني. وزيراعظم پنهنجي هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ چيو ته گڏيل عرب امارات جي هڪ اعليٰ اختياراتي اقتصادي ٽيم جي آجيان ڪريون ٿا. اها ماهر اقتصادي ٽيم گڏيل عرب امارات جي دوري دوران ولي عهد شهزاده محمد بن ??يد سان ملاقات جي فالو اپ طور پاڪستان جو دورو ڪري رهي آهي جنهن ۾ اسان ٻطرفي اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي تعاون کي جامع طور تي فروغ ڏيڻ جو عزم ڪيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران سعودي فرمانروا شاهه سلمان ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان کي عيد جي مبارڪ
مضمون کا ماخذ : jogos de raspadinha