اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قوم ملڪي دفاع ۽ سلامتي جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي، جن 6 سيپٽمبر 1965ع تي ??اڻ چنئوڻ تي ??ڏي دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو، قوم کي تاريخ جي بدترين ٻوڏ جي صورت ۾ اڄ ٻيهر هڪ وڏو چئلينج درپيش آهي، قومي اتحاد ۽ يڪجهتي سان ان جو مقابلو ڪنداسين. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اڄ قوم دفاع جو ڏهاڙو هڪ اهڙي وقت ۾ ملهائي رهي آهي جڏهن ملڪ کي بدترين ٻوڏ درپيش آهي. سڄي ملڪ ۾ شهيدن جي قبرن تي گلن جون چادرون چاڙهيون پيون وڃن، ??نه?? جي لاءِ دعائون ڪيون پيون وڃن ۽ ??نه?? کي خراج عقيدت پيش ڪيو پيو وڃي. دفاع جو ڏهاڙو اسان کي 57 سال اڳ ان ڏينهن جي ياد ڏياري ٿو جڏهن اسان جي مڪار دشمن رات جي اونداهي ۾ پاڪستان تي حملو ڪيو پر اسان جي بهادر فوج جي آفيسرن، جوانن 7 سپاهين لااله الاالله جو ورد ڪندي پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته نه رڳو پوري پاڪستاني قوم پر اسان جون ايندڙ نسلون ۽ اسان جا ٻار ??نه?? شهيدن ۽ غازين کي سدائين ياد رکندا. وزيراعظم چيو ته اڄ جو ڏينهن اسان کي ان ڳالهه جو به احساس ڏ??اري ٿو ته جڏهن قوم هڪ ٿي وڃي ۽ رنگ ۽ نسل ۽ قوميت کان مٿ??نه??ن ٿي متحد ٿي وڃي ته پوءِ وڏي کان وڏي مشڪل ۽ چئلينج کي به منهن ڏئي سگهجي ٿو. هن چيو ته اسان جا جذبي سان سرشار جوان دشمن جي ناپاڪ ارادن آڏو شيهي جي ديوار بڻجي ويا ۽ فضائين تي ڇائنجي ويا. اسان جي زميني، سامونڊي ۽ هوائي فوج پاڻ کان چنئوڻ تي ??ڏي فوج کي گوڏا کوڙايا، اڄ ٻيهر پاڪستاني قوم کي هڪ وڏو چئلينج درپيش آهي. مهراڻ جي وادين کان وٺي بلوچستان جي سنگلاخ پهاڙن، خيبرپختونخواهه جي برف پوش پهاڙن، ڏکڻ پنجاب جي ميدانن ۽ گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير تائين هر جڳهه ٻوڏ ريلن تاريخ جي بدترين تباهي مچائي آهي. ڪالهه آئون قمبر شهدادڪوٽ ويو هئس جتي ??زارين ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي چڪا آهن. هر طرف ڦهليل پاڻي سمنڊ جو ڏيک ڏئي رهيو آهي. لکين گهر تباهه ٿي ويا آهن. 1300 ??اڻ??و ٻوڏ ۾ فوت ٿي چڪا آهن جن ۾ سوين ٻار به شامل آهن جڏهن ته هزارين ??اڻ??و زخمي ۽ لکين جانور ٻوڏ پاڻي ۾ لڙهي ويا آهن، لکين ايڪڙ تي بيٺل فصلون تباهه ٿي ويون آهن. سنڌ کانپوءِ بلوچستان ۾ سڀ کان وڌيڪ تباهي ٿي آهي. سوات، ڏکڻ پنجاب سميت سڄي ملڪ ۾ 3 ڪروڙ کان وڌيڪ پاڪستاني ٻوڏ جي وڪڙ ۾ آهن ۽ هر جڳهه تي ??اڻي زندگي اجيرن بڻائي ڇڏي آهي. اهڙين حالتن ۾ اڄ ٻيهر قوم ??نه?? جذبي ۽ حوصلي سان سرشار آهي جنهن جو مظاهرو هن 1965ع ۾ ڪيو هو. پورهيت، آبادگار، شاگرد، مزدور، سنڌي، بلوچي، پنجاب، پٺاڻ سڀ هڪ ٿي نئين تاريخ لکي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته لسٻيلا ۾ سان جي آفيسرن ۽ جوانن شهادت ??اڻ??. غذر ۾ هڪ ئي خندان جا 8 ??اڻ??و ريلي جي ور چڙهي ويا ۽ رڳو هڪ بزرگ ۽ ان جي معذور ٻارڙيءَ باقي بچي ويا. اهڙا داستان هر جڳهه تي ??کريل آهن پر پوري قوم هڪ ڀيرو ٻيهر متحد ٿي چڪي آهي. وزيراعظم ملڪ جي دفاع لاءِ قربانيون ڏيندڙ شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته پوري قوم ??نه?? کي سلام پيش ڪري ٿي جن پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري چنئوڻ تي ??ڏي دشمن کي شڪست ڏني، ??نه?? جون اهي قربانيون رائيگان نه وينديون.
قوم کي تاريخ جي بدترين ٻوڏ جي صورت ۾ اڄ ٻيهر هڪ وڏو چئلينج درپيش آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری