نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار پرامن طور حل ڪيو وڃي، ٻوڏ جي تباهين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ناروي جي امداد کي ساراهيون ٿ??. گڏيل قومن جي جنر?? اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي پنهنجي نارويجن هم منصب اينيڪن هيوئٽ فيلڊ سان ملاقات دوران هن پا??ست??ن ۽ يورپين فري ٽريڊ ايسوسيئيشن (اي ايف ٽي اي) جي وچ ۾ آزاداڻي واپاري معاهدي (ايف ٽي اي) کي جلد کان جلد مڪمل ??رڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ واپار، سيڙپڪاري، ترقي ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ۽ جامع بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو. پا??ست??ن ۾ ناروي جي ناليواري ڪمپنين جي موجودگي جو ذڪر ڪندي پرڏيهي وزير اميد ظاهر ڪئي ته حڪومت جي پرڪشش سيڙپڪاري پاليسي مان وڌيڪ ڪمپنيون فائدو کڻنديون. پرڏيهي وزير پا??ست??نين جي لاءِ قانوني اچ وڃ جا موقعا وڌائڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ناروي ۾ رهندڙ پا??ست??نين جي مثبت تعاون کي ساراهيو. افغانستان بابت بلاول ڀٽو زرداري افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ پا??ست??ن جي مضبوط حمايت کي ورجايو ۽ افغان عوام کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ مدد جي لاءِ افغان عبوري عملدارن سان عالمي برادري جي مسلسل شموليت جي ضرورت تي زور ڏنو. ناروي افغانستان مان ن??رڻ واري عمل ۾ پا??ست??ن پاران سهولت فراهم ??رڻ کي ساراهيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ناروي جي پرڏيهي وزير کي پا??ست??ن ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي کان آگاهه ڪيو ۽ ناروي پاران ڏني ويندڙ امداد کي ساراهيو. ٻنهي ڌرين گڏيل قومن ۽ گهڻ رخي جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ويجهو رابطو رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار پرامن طور حل ڪيو وڃي: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن