اسلام آباد – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ منهنجي تقرير جو بنيادي مقصد دنيا کي اهو باور ڪرائڻ هو ته جيڪا موسمياتي آفت دنيا کي درپيش آهي جيڪڏهن ان جي خاتمي لاءِ فوري قدم نه کنيا ويا ته ان جون تباهيون پا??ستان تائين محدود نه رهنديون، دنيا تي واضح ڪيو ته پا??ستان ڀارت سان پرامن ۽ سٺن پا??يسري لاڳاپن جو خواهشمند آهي ان لاءِ ڀارت غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جو هڪطرفو قدم واپس وٺي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وز??راعظم چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ منهنجي خطاب جو خلاصو اهو هو ته دنيا خبردار رهي ته انسانيت کي ڪهڙا خطرا درپيش آهن، پا??ستان اڄڪلهه جنهن موسمياتي آفت کي منهن ڏئي رهيو آهي جيڪڏهن فوري طور تي ان جي خاتمي لاءِ قدم نه کنيا ويا ته اهو سلسلو پا??ستان تائين ئي محدود نه رهندو پر اهو انسانيت جي لاءِ همدردي ۽ ڳڻتي جو پهلو آهي. وز??راعظم چيو ته اسان جي پرڏيهي پاليسي جي لاءِ درپيش اهم مسئلن تي پا??ستان جو مو??ف بيان ڪرڻ سان گڏوگڏ مو?? دنيا تي واضح ڪيو ته پا??ستان ڀارت سان پرامن ۽ سٺن پا??يسري لاڳاپن جو خواهشمند آهي ان جي لاءِ ڀارت کي 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي قدم ۽ ان کانپوءِ آبادي جي تناسب جي تبديلي سميت ٻيا کنيل قدم روڪڻا پوندا.
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ منهنجي تقرير جو بنيادي مقصد دنيا کي اهو باور ڪرائڻ هو ته جيڪا موسمياتي آفت دنيا کي درپيش آهي جيڪڏهن ان جي خاتمي لاءِ فوري قدم نه کنيا ويا ته ان جون تباهيون پاڪستان تائين محدود نه رهنديون: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری