اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ مضبوط حصيداري تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري، سلامتي، دفاع، ثقافت ۽ عوام جي سطح تي رابطن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن برطانيا جي ليبر پارٽي جي ڊپٽي ليڊر دي رائٽ آنرايبل اينجلاريز سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن هائوس آف لارڊز جي ميمبر لارڊ واجد خا?? سان گڏ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. برطانيا جي ليبر پارٽي جي ڊپٽي ليڊر پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ ??قصانن تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان عالمي ڪ??رب?? جي اخراج ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو هجڻ جي باوجود ماحولياتي تبديلين ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ??لڪن مان هڪ آهي. وزيراعظم پاڪستان کي فراهم ڪئي ويندڙ 16.5 ملين پائونڊ جي انساني امداد تي برطانيا جي حڪومت جا ??ور?? مڃيا. پاڪستان ۽ برطانيا جي پراڻي حصيداري تي زور ڏيندي وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري، سلامتي، دفاع، ثقافت ۽ عوام سان عوام جي رابطن سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي پاڪستان جي عزم کي ورجايو. هن ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ ويجها لاڳاپا قائم ڪرڻ ۾ 1.6 ملين پاڪستانين جي مثبت ڪردار جو خصوصي حوالو ??نو. لارڊ واجد خا?? وزيراعظم کي ٻڌايو ته برطانيا ۾ رهندڙ ??اڪستاني ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امداد ۽ بحالي جون ڪوششون ڪري رهيا آهن. برطانيا جي وفد وزيراعظم کي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ پنهنجي تعاون جو يقين ڏياريو.
وزيراعظم شهباز شريف سان برطانيا جي ليبر پارٽي جي ڊپٽي ليڊر جي ملاقات، پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن تي تعزيت جو اظهار
مضمون کا ماخذ : jogos de azar no Brasil