اسلام آباد -04 فيبروري (اي پي پي)صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي، ته پاڪستان ڪشميرين جي جائز مقصد لاءِ پنهنجي بنا فرق اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو، اڄ اسان ڪشميري عوام جي ناقابل تنسيخ حق خوداراديت کي حاصل ڪرڻ لاءِ سندن جائز ۽ منصفاڻي جدوجهد لاءِ پاڪستان جي غير متزلزل حمايت جي اظهار ۾ يوم يڪجهتي ڪشمير ملهائي رهيا آهيون. ان موقعي تي اسان ڀارت جي غيرقانوني قبضي خلاف ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي ڏهاڪن تي ٻڌل مزاحمت ۾ بي لوث قربانين کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. اسان هن ڏينهن تي عالمي برادري جو ڌيان گڏيل ق??من جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن طرف ڇڪائڻ لاءِ ملهائي رهيا آهيون، جنهن ۾ چيو ويو هو ته ڄم??ن ڪشمير جي تڪرار جو حتمي فيصلو عوام جي مرضي موجب گڏيل ق??من جي انتظام هي?? آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي راءِ شماري جي جمهوري طريقي سان ڪيو ويندو. ڪشمير جي يڪجهتي جي ڏهاڙي جي حوالي سان ايوان صدر جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان ۾ صدر مملڪت چيو ته گذريل 75 سالن کان ڀارتي قابض فوج غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هي?? آيل ڄم??ن ڪشمير ۾ دهشتگردي جو راڄ مڙهي رکيو آهي، ۽ اتان جي عوام کي ڊيڄارڻ ۽ دٻائڻ لاءِ بدترين مهم شروع ڪري رکي آهي. هن چيو ته 9 لک کان وڌيڪ ڀارتي هٿياربند اهلڪارن جي موجودگي خطي کي هڪ کليل جيل بڻائي ڇڏيو آهي. ڀارت جي غيرقانوني قبضي هي?? آيل ڄم??ن ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪ طرفن قدمن عالمي قانون، بشمول گڏيل ق??من جي چارٽر، چوٿين جنيوا ڪنوينشن ۽ گڏيل ق??من جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن جي هڪ کليل ڀڃڪڙي هئي. صدر مملڪت چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير جي آباديءَ جي ڍانچي ۾ مصنوعي تبديلين، سياسي انجنيئرنگ، مقامي ماڻهن جي معاشي پسماندگي ۽ ڪشميري سڃاڻپ ۽ ثقافت تي حملن ذريعي انهن غيرقانوني قدمن کي وڌيڪ طاقت ڏيڻ جي مسلسل ڪوشش ڪري رهيو آهي. ڀارت جو ظالماڻو رويو والاريل ڄم??ن ڪشمير ۾ عدالت جي مٿانهين قتل، من پسند حراست، حراست دوران تشدد، جبري گمشدگين ۽ پيلٽ گنز جي استعمال مان ظاهر ٿئي ٿو. صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڀارت ميڊيا تي پابندي لڳائي رکي آهي ۽ ڪشميري قيادت ۽ ان??ان?? حقن جي محافظن کي قيد ڪري رکيو آهي. ان??ان?? حقن جي ڪيترين ئي تنظيمن ۽ عالمي ميڊيا به ان ظلم ۽ ڏاڍ کي چڱيءَ ريت دستاويزي صورت ۾ اجاگر ڪيو آهي. هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن پاڪستان ڀارت کان مطالبو ڪري ٿو ته اهو گڏيل ق??من ۽ او آءِ سي جي مبصرن، عالمي ميڊيا ۽ ان??ان?? حقن جي تنظيمن کي غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هي?? آيل ڄم??ن ڪشمير تائين بنا رنڊڪ جي رسائي ڏئي ته جيئن اهي اتان جي صورتحال بابت درست معلومات حاصل ڪري سگهن، ان??ان?? حقن جي ڀڃڪڙين جي تحقيقات ۽ انهن کي رپورٽ ڪري سگهن. صدر مملڪت چيو ته پاڪستان علمي برادري ۽ تنظيمن تي زور ڀري ٿو ته اهي والاريل ڄم??ن ڪشمير ۾ ان??ان?? حقن جي سنگين ۽ وسيع پيماني تي ڀڃڪڙين تي ڀارت کي جوابده بڻائڻ لاءِ عملي قدم کڻي. هن چيو ته پاڪستان لڳاتار ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته ڄم??ن ڪشمير تڪرار ??و جٽادار حل گڏيل ق??من جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ئي ممڪن آهي. پاڪستان ان جائز مقصد لاءِ پنهنجي بنا فرق جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو.
پاڪستان ڪشميرين جي جائز مقصد لاءِ پنهنجي بنا فرق اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو، اسان ڪشميرين سان ايڪتا لاءِ يوم يڪجهتي ڪشمير ملهائي رهيا آهيون: صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa