اسلا?? آباد – 30 – آڪٽوبر (اي ??ي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??گر??ن وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سينيئر صحافي حنيف خالد جي صحافتي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته حنيف خالد صحافتي برادري جو روشن ستارو آهي، هو نه رڳو صحاف??ن جو نمائندو آهي پر بزنس ايمبيسڊر پڻ آهي، حنيف خالد پنهنجو اهو ڪردار بهتر طريقي سان نڀايو. اه??ن خيالن جو اظهار هن اسلا?? آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري پاران سينيئر صحافي حنيف خالد کي لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ڏيڻ واري تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري پڻ موجود هو. اطلاعات واري ??گر??ن وفاقي وزير چيو ته حنيف خالد صحافتي برادري جو روشن ستارو آهي، سندس صحافتي خدمتن جو اعتراف ڪرڻ تي اسلا?? آباد چيمبر جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته حنيف خالد جو اڌ صديءَ تي ٻڌل انتهائي شاندار صحافتي سفر آهي. هو صحاف??ن جو نمائندو هجڻ سان گڏوگڏ بزنس ايمبيسڊر پڻ آهي، هن اهو ڪردار بهتر طريقي سان نڀايو آهي. هن چيو ته ڪو ايوارڊ حنيف خالد جي خدمتن جي قيمت ادا نه ٿو ڪري سگهي. اسان جي ڪوشش هوندي ته کيس اڳئين اعليٰ ايوارڊ جي لاءِ نامزد ڪريون.
حنيف خالد صحافتي برادري جو روشن ستارو آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ