اسلام آباد- 02 نومبر (اي پي پي) ناڻي، محصولن ۽ اقتصادي معاملن و??ري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر چيو آهي ته گڏيل قومن جي هزاريه ترقيات?? هدفن ک?? حاصل ڪرڻ لاءِ عالمي برادري طرفان جامع قدمن جي ضرورت آهي. اها ڳالهه ناڻي و??ري وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر گڏيل قومن جي اد??ري يو اين سي ٽي اي ڊي جي انتظام هيٺ جنيوا ۾ منعقد ڪانفرنس کي پنهنجي ورچوئل خطاب ۾ چئي. ڪانفرنس جو موضوع ڊولپمينٽ فنانس فار 2030ع ايجنڊا: ماحولياتي طور تي محفوظ صنعتڪ??ري هو. پنهنجي اهم خطاب ۾ نگران وفاقي وزير چيو ته هزاريه ترقيات?? هدفن ک?? حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان هڪ ڀرپور ۽ پرجوش منصوبو جوڙيو آهي جنهن تحت ماحول کي نقصان پهچائيندڙ گئسن جي اخراج ۾ 50 سيڪڙو تائين گهٽتائي اچي ويندي. هن چيو ته ماحولياتي لحاظ کان موزون صنعتڪ??ري لاءِ اسٽيٽ بئنڪ ۽ سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان رهنما اصول به ج??ري ڪيا آهن. هن اسرندڙ ملڪن ۾ قرضن بابت مشڪلاتن جي خاتمي ۽ هزاريه ترقيات?? هدفن ک?? حاصل ڪرڻ لاءِ جامع عالمي ڪوششن جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو.
هزاريه ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ عالمي برادري طرفان جامع قدمن جي ضرورت آهي: ڊاڪٽر شمشاد اختر
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر