اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي ??ي) نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته عام چونڊن سان ??لڪ ۾ سياسي استحڪام ايندو، نگران حڪومت سمورين سياسي پارٽين سان ??ڪ جهڙو سلوڪ ڪري رهي آهي، نگران حڪومت پنهنجا هدف حاصل ڪيا آ??ن، ايس آءِ ايف سي جي ذريعي دوست ملڪن سان اربين ڊالر جا معاهدا ڪيا ويا. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ڪيو. نگران ??زيراعظم چيو ته تڪميل پاڪستان جي لاءِ مسلم ليگ (ق) کان ??نهنجي سياست جي شروعات ڪئي هئي. هن چيو ته قومپرستن سان ڳالهه ٻولهه جو حامي هئس، قومپرستن کانسواءِ ٻيا به بلوچن جا نمائندا آهن. هن چيو ته ڊگهي عرصي کان شاگردن سان ڳالهه ٻولهه ۾ شامل آهيان، شاگردن جي ڳالهه ٻڌڻ گهرجي. نگران ??زيراعظم چيو ته سياسي شخصيتون ۽ سياسي سوچ رکندڙن کي ئي حڪومت جو سربراهه هجڻ گهرجي. نگران ??زيراعظم بڻجڻ جي تجويز جي اڳ ۾ خبر نه هئي، نگران حڪومت وٽ محدود اختيار ۽ وقت گهٽ هو پوءِ به بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، جيڪي هد?? مقرر ڪيا هئا انهن ۾ ڪاميابي ملي، ان حوالي سان حڪومت جي ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪئي ويندي. هن چيو ته اوڳاڙين ۾ اضافي ۽ خرچن ۾ گهٽتائي وڏو مسئلو آهي ۽ رهندو، ايف بي آر ۾ سڌارن جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ٽيڪس جي نظام ۾ بهتري کانسواءِ چارو نه ??هي. هن چيو ته نجڪاري ڊگهو عمل آهي، پي آءِ اي جي اثاثن ۽ رهتن جي ادائيگين سميت ٻيا معاملا آ??ن، نجڪاري جي معاملي تي ڪافي قدم کنيا آ??ن، ايس آءِ ايف سي جو فورم اڳوڻي حڪومت جوڙيو ۽ پارليامينٽ ۾ ان حوالي سان ??انونسازي ڪئي وئي، اسان ان جو تسلسل جاري رکيو، هي بهترين فورم آهي، ان سان ??لڪ کي فائدو ٿي رهيو آهي، ايندڙ حڪومت ان تسلسل کي جاري رکندي، ايس آئي ايف سي جي ذريعي گڏيل عرب امارات ۽ ڪويت سان اربين ڊالر جي معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون. هن چيو ته چونڊن بابت سمورا افواهه دم ٽوڙي چڪا آ??ن، 8 فيبروري تي ملڪ ۾ چونڊ عمل مڪمل ٿي ويندو، ڪجهه ڏينهن ۾ نئين حڪومت جو نقشو واضح ٿي ويندو، سياسي عدم استحڪام دم ٽوڙي ويندو. هن چيو ته 9 مئي تي رياست جي تصور تي حملو ڪيو ويو، قانون موجب ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، ان کي منطقي انجام تائين پهچائڻ گهرجي، سوشل ميديا کي ريگيوليٽ ٿيڻ گهرجي، ان حوالي سان ڪم جاري آهي، پارليامينٽ ئي قانونسازي ڪندي. هن چيو ته سياسي پارٽين ۾ انفرادي اثررسوخ وڌيڪ آهي، 9 مئي واقعي ۾ ڪجهه ماڻهو ملوث آ??ن، پوري سياسي پارٽي کي فسادي نه ٿا چئي سگهون، انهن اڻوڻندڙ ڪم ڪيو جنهن جا سنگين نتيجا آ??ن، اسان ڪنهن سياسي پارٽي کي ٽارگيٽ نه ڪري رهيا آهيون. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته عوام جنهن کي به چونڊيندي اهي ملڪ ۾ سياسي استحڪام جي لاءِ ڪم ڪندا ۽ ان تي ضابطو آڻيندا، حڪومت ڪنهن مخصوص پارٽي کي سهولت فراهم نه ڪري رهي آهي، سمورين سياسي پارٽين سان برابر سلوڪ ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ڪهڙو ملڪ آهي جيڪو بنا پاسپورٽ جي ڪنهن کي سفر جي اجازت ڏي ٿو، آئون رياست پاڪستان جو حامي آهيان، اميگريشن قانونن تحت اچ وڃ ٿئي ٿي، غيرقانوني غيرملڪي رهندڙن کي انهن جي وطن واپس موڪلڻ جو فيصلو صحيح هو ۽ ايندڙ حڪومت کي ان جو تسلسل برقرار رکڻ گهرجي. نگران ??زيراعظم چيو ته ايران جو پاڪستان تي حملو غلط قدم هو، پوري دنيا پاڪستان جي قدم کي ساراهيو، اسان ??نهنجي سرحد تي چوڪس رهنداسين، ان حملي جي اميد نه هئي، پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ڪميونيڪشن جي موجوده چينلز کي استعمال ۾ آڻڻ ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي، پاڪستان ??ٽ ايران کي جواب ڏيڻ کانسواءِ ڪو چارو نه هو، ان جو ڪريڊٽ آرمي چيف ڏانهن وڃي ٿو، پاڪستان ??نهنجا فيصلا پاڻ ڪري ٿو ۽ حملي جي جواب جو فيصلو به اسان جو پنهنجو هو، ايران جو پرڏيهي وزير پاڪستان جي دوري تي اچي رهيو ??هي. هن چيو ته دهشتگرد تنظيمن سان دهشتگردن جهڙو سلوڪ ٿيندو، پارليامينٽ جي ذريعي قانونسازي جي ذريعي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا.
عام چونڊن سان ملڪ ۾ سياسي استحڪام ايندو، نگران حڪومت سمورين سياسي پارٽين سان هڪ جهڙو سلوڪ ڪري رهي آهي، نگران حڪومت پنهنجا هدف حاصل ڪيا آهن: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا