اسلام آباد – 12 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪي آءِ ٽي روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ ٺوس روڊ ميپ ٺاهڻ جي هدايت ڪندي چي?? آهي ته ملڪ ۾ اربين ڊالر جي آءِ ٽي روانگي واپار جي صلاحيت مان ڀرپور ??ائدو کڻڻ جي لاءِ قدم کنيا ويندا، نوجوانن کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ تعليم ۽ هنر ۽ اسٽارٽ اپس کي گهربل سهولتون فراهم ڪيون وينديون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ آءِ ٽي شعبي جي حوالي سان اعليٰ سطحي جائزه اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اقتصادي معاملن ۽ اسٽيبلشمينٽ واري وفاقي وزير احد خان چي??ا، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شيزه فاطمه خواجه، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد، شهزاد سليم ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چي?? ته ملڪ ۾ اربين ڊالر جي آءِ ٽي روانگي واپار جي صلاحيت مان ڀرپور ??ائدو کڻڻ جي لاءِ قدم کنيا ويندا. نوجوانن کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ تعليم ۽ هنر ۽ اسٽارٽ اپس کي گهربل سهولتون فراهم ڪنداسين. گذريل حڪومت جي دور ۾ آءِ ٽي جي صنعت جي لاءِ جن منصوبن جي شروعات ڪئي انهن جا مثبت نتيجا اچي رهيا آهن. اسٽارٽ اپس، فري لانسرز ۽ آءِ ٽي ڪمپنين جا بئنڪنگ سان لاڳاپيل سمورا مسئلا حل ڪيا. هن چي?? ته هلندڙ سال آءِ ٽي روانگي واپار جو متوقع ڪاٿو 3 ارب ڊالر کان وڌيڪ آهي، جيڪو خوش آئنده آهي پر اسان کي ان ۾ اضافو ڪرڻو آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز جي حوالي سان پڻ هڪ ٺوس رپورٽ جوڙي پيش ڪئي وڃي. پاڪستان جي آءِ ٽي جي شعبي کي عالمي معيار تي آڻڻ جي لاءِ تمام گهڻي محنت ڪرڻي پوندي. اجلاس کي ملڪ ۾ آءِ ٽي شعبي جي حوالي سان تفصلي طور تي آ??اه?? ڪيو ويو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي جون 2023ع ۾ وزيراعظم پاران ڏنل 5 ارب جي آءِ ٽي پئڪيج تي اڳڀرائي بابت پڻ آ??اه?? ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل حڪومت جي دور ۾ وزيراعظم جي خصوصي ڌيان جي ڪري آءِ ٽي شعبي جي روانگي واپار ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هلندڙ سال جي پهرين 7 مهينن ۾ 13 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ڊيجي – اسڪلز پروگرام تحت هن وقت 17 بيچز ۾ اٽڪل 40 لک شاگردن ۽ شاگردياڻين کي آءِ ٽي جي ٽريننگ ڏني وئي آهي جنهن ۾ 28 سيڪڙو انگ عورتن جو آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته فري لانسرز جي انگ جي حوالي سان پاڪستان دن??ا جو ٻيو وڏو ملڪ آهي. پاڪستان پنهنجون آءِ ٽي مصنوعات 170 ملڪن کي برآمد ڪري ٿو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل سال، پاڪستاني اسٽارٽ اپس ۾ 400 ملين ڊالر جي س??ڙپ??اري ٿي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پاڪستان جي آءِ ٽي شعبي ۾ س??ڙپ??اري ۽ روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ سمورا ضروري قانوني پاليسي قدم کنيا وڃن. وزيراعظم چي?? ته آءِ ٽي سيڪٽر جي صلاحيت مان ڀرپور ??ائدو کڻڻ جي لاءِ نوجوانن جي پيشيواراڻي ۽ فني تربيت جي منصوبن تي ڪم تيز ڪيو وڃي. اجلاس کي آءِ ٽي، اي روزگار، اسٽارٽ اپس، سائبر سيڪيورٽي، ٽيلي ڪام سيڪٽر ۽ ملڪ ۾ فائيو جي جاري ڪرڻ تي اڳڀرائي ۽ قدمن بابت آ??اه?? ڪيو ويو. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ملڪي آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ هڪ واضح روڊ ميپ ٺاهي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
ملڪي آءِ ٽي روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ ٺوس روڊ ميپ ٺاهڻ جي جي ضرورت آهي، ملڪ ۾ اربين ڊالر جي آءِ ٽي روانگي واپار جي صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ قدم کنيا ويندا: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : como ganhar na raspadinha