اسلام آباد– 25 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته معيشت کي پٽڙي تي آڻڻ سڀ کان وڏو چئلينج آهي، خساري جو شڪار حڪومت?? ملڪيتي ادارن جي نجڪاري، اداراجاتي سڌارا، اندرو??ي ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري ۽ ڪفايت شعاري حڪومتي ترجيحون آهن، ايف بي آر جي سئو سيڪڙو ڊيجيٽائيزيشن جي لاءِ عالمي معيار جي ماهرن جون خدمتون حاصل ڪيون پيون وڃن، اميد آهي ته م??ڊي?? غيرجانبداراڻي رپورٽنگ جي ذريعي جمهوريت جي استحڪام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊي?? ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ??را?? ڪاسٽرز ايسوسيئيشن جي وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ شڪيل مسعود، مير ابراهيم، ميان عامر محمود ۽ سلطان لاکاڻي شامل هئا. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تاڙر ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا. پي بي اي جي وفد عهدو سنڀالڻ تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏ??ي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وفد سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته اسان اهڙي وقت ۾ اقتدار سنڀاليو آهي جڏهن ملڪ کي بي پناهه مشڪلاتون درپيش آهن. هن چيو ته معيشت کي پٽڙي تي آڻڻ سڀ کان وڏو چئلينج آهي. وزيراعظم وفد کي حڪومت جي معاشي ترجيحن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته خساري جو شڪار حڪومت?? ملڪيتي ادارن جي نجڪاري، اداراجاتي سڌارا ۽ اندرو??ي ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري ۽ ڪفايت شعاري حڪومتي ترجيحون آهن. هن چيو ته حڪومتي سطح تي خرچن ۾ گهٽتائي جي لاءِ ڪميٽي ٺاهي وئي آهي جيڪا جلد ئي پنهنجون سفارشون پيش ڪندي جيڪي آئون پاڻ قوم آڏو رکندس. هن چيو ته وفاقي ڪابينا رضاڪاراڻي طور تي پگهارون ۽ مراعتون نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته فيڊرل بورڊ آف روينيو جي سئو سيڪڙو ڊيجيٽائيزيشن جي لاءِ عالمي ماهرن جون خدمتون حاصل ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته سٺو ٽيڪس ڏيندڙن، برآمد ڪندڙن ۽ عورت انٽرپرينيورز جي حڪومتي سطح تي پذيرائي ڪئي ويندي. وزيراعظم م??ڊي?? جي اهميت جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته م??ڊي?? رياست جو چوٿون ٿنڀ آهي، معاشري جي تعمير ۽ ترقي ۽ عوام جي ذه??ي ۽ فڪري تربيت ۾ اليڪٽرانڪ م??ڊي?? ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته حڪومت اظهار راءِ جي آزادي ۽ م??ڊي?? جي آزادي تي يقين رکي ٿي ۽ ان حوالي سان هر ممڪن قدم پڻ کنيا پيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته م??ڊي?? نمائندن جي حقن جو تحفظ رياست جي ذميواري آهي. هن چيو ته م??ن کي اميد آهي ته م??ڊي?? غيرجانبداراڻي رپورٽنگ جي ذريعي جمهوريت جي استحڪام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي. هن چيو ته فيڪ نيوز هڪ وڏو چئلينج آهي جنهن جي روڪٿام ۾ مين اسٽريم م??ڊي?? جو ڪردار انتهائي اهم آهي. وزيراعظم چيو ته اليڪٽرانڪ م??ڊي?? پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪوششن ۾ حڪومت جو ساٿ ڏي.
معيشت کي پٽڙي تي آڻڻ سڀ کان وڏو چئلينج آهي، خساري جو شڪار حڪومتي ملڪيتي ادارن جي نجڪاري، اداراجاتي سڌارا، اندروني ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري ۽ ڪفايت شعاري حڪومتي ترجيحون آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری