اسلام آباد -09 جولاءِ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جي صدارت هيٺ سمال ميڊيم انٽر پرائيز ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جو يارهون اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ايس ايم ايز جي ترقي ۽ سهولتن لاءِ 11 نقاطي ايجن??ا تي غور ڪيو ويو. راڻا تنوير حسين چيو ته سمال ميڊيم انٽر پرائيزز معيشت ۾ ??رن??هي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته وزيراعظم ايس ايم ايز جي رجسٽريشن ۽ سهولتڪاري کي منظم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اجلاس جي پڌرائي مطابق ايس ايم ايز لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ٽيڪسن کي هم آهنگ ۽ هڪجهڙو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. راڻا تنوير حسين چيو ته سيڙپڪاري ۾ اضافي لاءِ ڪاروبار ڪرڻ جي لاڳت جو ڪم ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ادارن کي ڪريڊٽ جي سهولت ڏي??، انڊسٽريل اسٽيٽس ۾ ايس ايم ايز جي لاءِ زمين رکڻ، مختلف اسڪيمن ذريعي عورتن جي انٽر پرينيورشپ کي ترقي ڏي?? ۽ 5 بلين جي رقم سان سمال ميڊيم انٽر پرائيز فنڊ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جي صدارت ۾ سمال ميڊيم انٽر پرائيز ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جو يارهون اجلاس منعقد
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد