اسلام آباد – 27 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چين جي پيپلز لبريشن آرمي جي ڪمانڊر گرائونڊ فورسز جنرل لي چيائو منگ کي نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪيو. چين جي پيپلز لبريشن آرمي جي ڪمانڊر گرائونڊ فورسز کي نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪرڻ جي خصوصي تقريب ايوان صدر ۾ ٿي جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير سميت ??روسز چيفس ۽ پارليامينٽ ميمبرن شرڪت ڪئي. تقريب ۾ غيرملڪي سفارتڪار ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدار پڻ شريڪ ٿيا. جنرل لي چيائو منگ کي پاڪ چين دفاعي لاڳ??پن کي وڌائڻ ۾ نمايان خدمتن جي اعتراف ۾ نشان امتياز (ملٽري) سان نوازيو ويو آهي. تقريب ۾ جنرل لي چيائو منگ جي چار ڏهاڪن جي ڪيريئر ۽ چيني فوج ۾ ان جي نمايان خدمتن جو ذڪر ڪيو ويو. ان جي ذهانت، انتظامي مهارت ۽ جذبي کيس هڪ بهادر ۽ قابل آفيسر طور تي شهرت ڏني آهي جيڪو چين ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام کي فروغ ??يڻ ۾ اهم آهي. جنرل لي چيائو منگ چين جي ڀرپاسي امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ ۾ پنهنجي غيرمعمولي پيشيواراڻي ??هارت جي لاءِ مشهور آهي. پاڪستان جي دوست جي حيثيت ??ان هن پختي عزم سان پاڪ چين فوجي لاڳ??پن کي تمام گهڻو مضبوط ڪيو. سندس اڻٿڪ خدمتن جي اعتراف ۾ صدر آصف علي زرداري جنرل لي چيائو منگ کي نشان امتياز (ملٽري) سان نوازيو آهي.
صدر پاران چين جي پيپلز لبريشن آرمي جي ڪمانڊر گرائونڊ فورسز جنرل لي چيائو منگ کي نشان امتياز (ملٽري) عطا
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا