اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته زر??عت کي جديد رخن تي هموار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، زرعي تعليم ۽ تحقيق حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سي پيڪ تحت زرعي شعبي ۾ هڪ هزار ماهرن جي چين ۾ تربيت جي حوالي سا?? اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير راڻا تنوير ۽ خوراڪ و زر??عت واري وزارت جي اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته زر??عت کي جديد رخن تي هموار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، زرعي تعليم ۽ تحقيق حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، وزيراعظم جي خصوصي هدايت تي هڪ هزار ماهرن کي چين موڪليو پيو وڃي، جديد رخن تي هموار ڪرڻ زر??عت جي شعبي ۾ تربيت حاصل ڪندا. هن چيو ته اسان وٽ بهترين وسيلا موجود آهن، زرعي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان پيداوار ۾ نمايان اضافو ڪري سگهجي ٿو، اميد آهي ته تربيت لاءِ چين ويندڙ هڪ هزار ماڻهو ملڪ ۾ زرعي انقلاب جا معمار بڻجندا. وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته زرعي شعبي ۾ ترقي وزيراعظم جي ترجيحن ۾ شامل آهي، زر??عت جي شعبي جي هدف کي حاصل ڪيو ويندو، زر??عت ۾ روايتي طريقي واري پوک کي تبديل ڪيو ويندو.
زراعت کي جديد رخن تي هموار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي: وفاقي وزير احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم