اسلام آباد -16 آڪٽوبر (اي پي پي) شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) جو 23هون اجلاس وز??راعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ اربع تي هتي جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ شروع ٿي ويو، وز??راعظم ايس سي او ا??لاس ۾ شرڪت ڪندڙ حڪومتي سربراهن جي اچڻ تي سندن شاندار استقبال ڪيو.ا جلاس ۾ شريڪ ميمبر ملڪن جي اڪثر حڪومتي سربراهن ۽ وز??رن گذريل ڏينهن وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد پهتا جڏهن ته چين جو وز??راعظم لي چيانگ اڳ ئي سرڪاري دوري تي پاڪستان ۾ آهي. شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ روس جو وز??راعظم ميخائيل مشوستن ۽ ايران جو معدنيا وارو وز??ر محمد اتابڪ به پاڪستان پهچي ويا آهن. اجلاس ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جا اڳواڻ ايس سي او جي ميمبر ملڪن وچ ۾ معيشت، واپار، ماحوليات، سماجي ۽ ثقافتي رابطن جي شعبن ۾ جاري تعاون تي ڳالهيون ڪندا ۽ گڏيل لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ سان گڏوگڏ ٻين معاملن تي به غور ويچار ڪندا. ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ شنگهائي تعاون تنظيم جو ٻيو ا??ليٰ ترين فورم آهي جنهن جي سربراهي پاڪستان وٽ آهي ۽ وز??راعظم محمد شهباز شريف هن وقت ڪائونسل جي چيئر جي عهدي تي مقرر آهي. شنگهائي تعاون تنظيم جي ٻن ڏينهن واري سربراهي اجلاس ۾ چين، روس، ڪرغزستان، بيلاروس، تاجڪستان، ترڪمانستان، قازقستان، منگوليا، ڀارت، ايران ۽ ٻين ملڪن جي اڳواڻن کان علاوه مبصر ملڪن ۽ ڊائيلاگ پارٽنرز شرڪت ڪري رهيا آهن. وز??راعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ جي جناح ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ ٿيندڙ باضابطا اجلاس کان اڳ ميمبر ملڪن جي اڳواڻن جي آجيان ڪئي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پاڪستان ڪرغزستان جي گادي واري هنڌ بشڪيڪ ۾ آڪٽوبر 2023ع ۾ ٿيل اجلاس ۾ سال 24-2023ع لاءِ حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي چيئر سنڀالي هئي. وز??راعظم محمد شهباز شريف گذريل رات شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي وفدن جي اعزاز ۾ ڊنر ڏنو جنهن ۾ چين، روس، تاجڪستان، ڪرغزستان، قازقستان، بيلاروس ۽ ترڪمانستان سميت ميمبر ملڪن جي اڳواڻن ۽ ن??ائندن به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وز??راعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر سينيٽر محمد اسحاق ڊار مهمانن جي آجيان ڪئي ۽ اجلاس ۾ شرڪت تي انهن کي ڀليڪار چيو، ميزبان وز??راعظم شريڪ اڳواڻن سان گڏ تصويرون به ڪڍايون. اجلاس ۾ منگوليا مبصر طور ايس سي او سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي. ايس سي او جي سيڪريٽري جنرل جانگ منگ ۽ ٻيون اهم شخصيتون به ايس سي او ا??لاس ۾ شرڪت ڪري رهيون آهن. شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ جي اجلاس کي وز??راعظم محمد شهباز شريف جي افتتاحي خطاب کان پوءِ پرڏيهي وفدن جا سربراهه به خطاب ڪندا.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ جو 23هون اجلاس شروع
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada