اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف عالمي دنيا پاران اسرائيل جو سخت احتساب نه ٿيڻ تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي غزه ۾ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي ۽ والاريل علائقن ۾ مصيبت ?? ورتل فلسطيني عوام جي لاءِ انساني همدرديءَ جي بن??اد تي امداد جي بنا روڪ فراهمي جي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم م??مد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ فلسطين جي سفير ڊاڪٽر ظهير م??مد حمدالله زيد وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. فلسطيني سفير جي آجيان ڪندي وزيراعظم فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق، آزادي ۽ انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي منصفاڻي جدوجهد جي لاءِ پاڪستان جي مُسلسل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن معصوم فلسطينين جي خلاف اسرائيل جي نسل ڪشيءَ خاص طور تي 7 آڪٽوبر 2023ع کانپوءِ خراب ٿيندڙ ص??رت??ال جنهن جي نتيجي ۾ 43000 کان وڌيڪ جانيون ضايع ٿيو ۽ 105000 کان وڌيڪ زخمي ٿيا، جي قدمن جي پاڪستان جي شديد مذمت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم عالمي دنيا پاران اسرائيل جو سخت احتساب نه ٿيڻ تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ غزه ۾ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي ۽ والاريل علائقن ۾ مصيبت ?? ورتل فلسطيني عوام جي لاءِ انساني همدرديءَ جي بن??اد تي امداد جي بنا روڪ فراهمي جي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم فلسطيني سفير کي يقين ڏياريو ته پوري پاڪستاني قوم بهادر فلسطيني عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ انهن جي هر ممڪن حمايت جاري رکندي. وزيراعظم گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن موجب فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل تي ٻڌل منصفاڻي ۽ پائيدار حل جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو جنهن جي سرحدن جو تعين 1967ع کان اڳ جي بن??اد تي هجي ۽ جنهن جي گادي وارو شهر القدس هجي. سفير ڊاڪٽر ظهير م??مد حمدالله زيد فلسطيني عوام جي موجوده مشڪلاتن ۾ پاڪستان جي ثابت قدم حمايت سان گڏوگڏ فلسطين مسئلي تي پاڪستان جي اصولي موقف کي ساراهيو. هن وزيراعظم جي ذاتي قيادت ۽ فلسطين جي لاءِ حمايت سان گڏوگڏ انتهائي ضروري انساني امداد فراهم ڪرڻ ۽ فلسطيني ميڊيڪل شاگردن کي پاڪستان ۾ تعليم مڪمل ڪرڻ جي لاءِ وظيفن جي فراهمي تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم فلسطيني سفير جي پاڪستان ۾ مقرري جي حوالي سان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ کيس هر وقت پنهنجي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو.
وزيراعظم پاران عالمي دنيا پاران اسرائيل جو سخت احتساب نه ٿيڻ تي شديد ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis