گڏيل قومون -14 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن خبردار ڪيو آهي، ته اسرائيل طرفان غزه ۾ اچ وڃ جا رستا بند ٿيڻ سبب انس??ني صورتحال وڌيڪ سنگين ٿيندي پئي وڃي، ڇاڪاڻ ته ٻارڻ جي گهٽتائي سبب امدادي سامان کڻي وين??ڙ ٽرڪن جي اچ وڃ بند ٿي سگهي ٿي، والاريل فلسطيني علائقي ۾ گڏيل قومن جي انس??ني معاملن واري آفيس او سي ايڇ اي جي آفيس جي سربراهه والاريل بيت المقدس مان ويڊيو ل??ڪ ذريعي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽرز ۾ ميڊيا جي نمائندن کي ٻڌايو ته غزه جي پٽي ۾ انس??ني زندگيون انتهائي خطرناڪ صورتحال ۾ مبتلا آهن، جن ۾ اسپتالن جي انڪيوبيٽرز ۾ علاج هيٺ ٻار به شام?? آهن، جن جي زندگين جو دارومدار اسپتال ۾ بجلي جي فراهمي تي ٻڌ?? آهي. هن چيو ته انس??ني همدردي جي بنياد تي جنگ بندي ۽ ٻارڻ جي فراهمي ٿيڻ گهرجي ۽ وڏي تباهي ٿيڻ کان پهرين قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. ان کان پهرين جو دير ٿي وڃي.
غزه ۾ وڏي تباهي کي روڪڻ لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : کڑک