گڏيل قومون -12 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن ج?? سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش چيو ??هي?? ته رمضان المبارڪ دوران غزه ۾ جنگ بندي کي فوري طور لاڳو ڪيو وڃي. هن رمضان المبارڪ جي شروعات تي چيو ??ه جڏهن رمضان المبارڪ شروع ٿي چڪو آهي، ان باوجود غزه ۾ قتل و غارت، بمباري ۽ رتوڇاڻ جاري آهي. هن اپيل ڪئي ته غزه ۾ جنگ بندي ڪري رمضان المبارڪ جو احترام ڪيو وڃي ۽ حياتيون بچائيندڙ امداد جي تيز رفتاري ۽ وڏي پيماني تي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سڀئي رڪاوٽون ختم ڪيون وڃن ۽ سڀني يرغمالين کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي. گڏيل قومن ج?? سربراهه چيو ??ه غزه ۾ جاري تباه ڪن اسرائيلي جنگ ڇهين مهيني ۾ داخل ٿي چڪي آهي. گڏيل قومن ج?? سربراهه خبردار ڪيو ??ه رفح تي اسرائيلي حم??ا غزه جي صورتحال کي وڌيڪ خراب ۽ اتي رهندڙ ماڻهن ج?? ڏکيائين ۾ اضافو ڪري رهيا آهن. گڏيل قومن ج?? سيڪريٽري جنرل چيو ??ه هي دنيا ۽ تاريخ ڏسي رهي آهي. اسان ان تي پنهنجون اکيون بند نه ٿا ڪري سگهون. اسان کي غزه ۾ فوتگين ۾ اضافي کي روڪڻ لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. فلسطيني شهرين لاءِ فوري قدمن ج?? ضرورت آهي.
رمضان المبارڪ دوران غزه ۾ جنگ بندي ڪئي وڃي: گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي اپيل
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado