سيئول – 14 مارچ (اي پي پي) ڏک?? ڪوريا ۾ سامونڊي ڪناري ويجهو مهاڻن جي ٻيڙي ٻڏڻ سبب 3 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ هڪ گم ٿي ويو. شنه??ا ڏکڻ ڪوريا جي يونهاپ نيوز اي??نسي جي حوالي سان ٻڌايو ته گذريل ڏينهن 139 ٽن وزني ٽرالر گادي واري شهر کان اٽڪل 330 ڪلوميٽر ڏک?? ۾ ٽونگيونگ شهر جي هڪ ٻيٽ ۾ ٻڏي ويو. جنهن ۾ عملي جا 11 ڪارڪن سوار هئا جن ۾ 4 ڏک?? ڪوريائي، 6 انڊونيشيا ۽ هڪ جو تعلق ويتنام سان هو. ڪوسٽ گارڊ واقعي جو اطلاع ملندي ئي واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ عملي جي 10 ڪارڪنن کي ڪوسٽ گارڊ ۽ ويجهن ٻيڙين بچائي ورتو پر هڪ ڪپتان سميت 3 ڏک?? ڪوريائي شهرين کي بيهوشي جي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هو اجل جو شڪار ٿي ويا جڏهن ته ڏک?? ڪوريا جو هڪ ملاح گم ٿي ويو. گم ٿيل شخص جي ڳولا لاءِ ڪاروائيون جاري آهن جنهن ۾ 16 ٻيڙيون، ٻه بحريا جا جهاز ۽ ٽي هوائي جهاز حصو وٺي رهيا آهن.
ڏکڻ ڪوريا ۾ مهاڻن جي ٻيڙي ٻڏڻ سبب 3 ڄڻا اجل جو شڪار، هڪ گم
مضمون کا ماخذ : como ganhar na raspadinha