واشنگٽن – 02 مارچ (اي پي پي) آمريڪي انتظاميه اسرائيل کي وڌيڪ 18 ارب ڊالرن جي ماليت جا ڪيترائي ايف – 15 جهاز ۽ بارود جي وڪري تي غور ڪري رهي آهي. اردو نيوز مطابق آمريڪا کي باضابطه درخواست ملي وئي آهي جنهن بعد اسرائيل کي بوئنگ ڪمپني کان ڪيترائي ايف -15 جهاز و??رو ڪرڻ جو جائزو و??تو پيو وڃي. جهازن جي جلد فراهمي اسرائيل جي دفاع واري وزير يوايوگيلانٽ جي سرفهرست مطالبن ۾ شامل هئا. جنهن گذريل هفتي واشنگٽن جو دورو ڪيو. پنهنجي دور?? جي دوران هن آمريڪي قومي سلامت?? جي مشير جيڪ سليوان ۽ سيڪريٽري دفاع لائيڊ آسٽن سميت بين آمريڪي اختيارين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي. آمريڪي ايوان نمائندگان جي پرڏيهي معاملن واري ڪميٽ?? جي چيئرمين مائيڪل ڪاول 30 جنوري تي (هٿيارن جي) وڪر?? جي اجازت ڏني هئي.
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون