ڍاڪا-14 نومبر (اي پي پي) بنگلاديش جي اٽارني جنرل محمد اسد الزمان ??لڪي آئين ۾ ترميمن جو مطالبو ڪندي سوشلزم، بن??ال?? قوم پرستي، سيڪولرازم ۽ شيخ مجيب الرحمان کي باباءِ قوم جهڙن اصطلاحن کي ختم ڪرڻ جون تجويزون ڏنيون آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب اسد الزمان اهي رمارڪس بنگلاديش جي 15 هين آئيني ترميم جي قانوني حيثيت تي هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي جي پنجين ڏينهن پنهنجي دليلن دوران ڏنا. هن آئين جي آر??يڪل 8 جو حوالو ڏيندي چيو ته سوشلزم ۽ سيڪيولرازم ان ??وم جي حقيقتن جي عڪاسي نه ڪندا آهن جتي 90 سيڪڙو مسلمانن جي هجي. هن ان حوالي سان آئين جي اصل جملي کي بحال ڪرڻ جي وڪالت ڪئي جنهن ۾ الله تي پختي ايمان تي زور ڀريو ويو هو. هن آر??يڪل 9 ۾ بن??ال?? قومپرستي جي هڪجهڙائي تي به سوال اٿاريا ان کي جديد جمهوري اصولن جي ابتڙ قرار ڏنو. هن ريفرنڊم لاءِ شقن کي بحال ڪرڻ جو پڻ مطالبو ڪيو، جن کي 15 هين ترميم تحت ختم ڪيو ويو هو. اٽارني جنرل آر??يڪل 6 تي به تنقيد ڪئي، جيڪو ٻولي جي ذريعي قومي سڃاڻپ جي وضاحت ڪري ٿو ۽ دعويٰ ڪئي ته ان سان شهرين ۾ غير ضروي ويڇي کي هٿي ڏني آهي. هن چيوته آر??يڪل (ka)7 ۽ (Kha) 7 جمهوريت جي روح سان ??ڪجهڙائي نٿا رکن ۽ آمراڻي مقصدن جي تڪميل ڪن ٿا ان ??اءِ انهن ٻنهي آر??يڪلز کي ختم ڪيو وڃي. اٽارني جنرل نگران حڪومتي نظام جي خاتمي جي پڻ شديد مذمت ڪئي.
بنگلاديش جي اٽارني جنرل پاران ملڪي آئين مان سوشلزم، قوم پرستي، سيڪولرازم ۽ باباءِ قوم جهڙن اصطلاحن کي ختم ڪرڻ جون تجويزون
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار