اسلام آباد – 29 مئي (اي پي پي) منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته موجوده حڪومت 25 کرب روپين جي رڪارڊ ترقياتي بجيٽ ڏني آهي، توانائي، بنيادي ڍانچي ۽ انساني وسيلن جي ترقي جي ٽن ترجيحي شعبن ??ي لاءِ وڌيڪ فنڊز رکيا ويا آهن. مالي سال 18 -2017ع ??ي سرڪاري شعبي ??ي سالياني ترقياتي پروگرام جي حوالي سان پاليسي بيان ڏيندي احسن اقبال چيو ته پي ايس ڊي پي بجيٽ جو اهم حصو هوندو آهي جنهن سان حڪومت پنهنجي ترقياتي ايجنڊا کي اڳتي وڌائيندي آهي، ماضي ۾ ترقياتي ايجنڊا جي ذريعي ڪيترائي منصوبا شروع ڪيا ويندا هئا جنهن سان ڪوئي منصوبو گهربل فنڊ حاصل نه ڪري سگهندو هو، هن چيو ته توانائي جو بحران ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي ۾ رڪاوٽون پيدا ٿي وينديون هيون، اسان ويزن 2025ع جوڙيو ۽ ان ۾ سمورن صوبائي حڪومتن س??ن مشاورت ڪئي وئي هئي، انهن ان جي مڪمل حمايت ڪئي.
حڪومت 25 کرب روپين جي رڪارڊ ترقياتي بجيٽ ڏني آهي: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات