اسلام آباد – 03 جنوري (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان عراق ?? هالينڊ سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن سان واپار، تعليم ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ ويجهي تعاون جو خواهشمند آهي. صدر اها ڳالهه عراق جي عهدو ڇڏيندڙ سفير ڊاڪٽر علي الرح??ان ?? هالينڊ جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير شجاعت علي راٺوڙ سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. صدر چيو ته عراق سان فضائي رابطن جي بحالي پاڪستان جي ترجيحن ۾ شامل آهي جنهن سان ٻنهي ملڪن جي عوام کي فائدو ٿيندو، ٻنهي ملڪن جي عوام هڪٻئي جي وڌيڪ ويجهو ايندي ۽ کين هڪٻئي کي وڌيڪ س??جهڻ جو مو??عو ملندو.
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ