کيوڙه – 05 آڪٽ??بر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت پرڏيهي ملڪن کان قرضن بدران پرڏيهي سيڙپڪاري تي يقين رکي ٿي، سعودي عرب پاڪستان ۾ اربين روپين جي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکي ٿو، سعودي عرب گوادر ۾ آئل ريفائنري لڳائيندو، موجوده حڪومت شفافيت ۽ خوداحتسابي سان اڳتي وڌي ره?? آهي، احتساب جو عمل به جاري آهي ايندڙ ڏينهن ۾ احتساب جو عمل وڌيڪ تيز ٿيندو، ملڪ ۽ قوم جي دولت ڦريندڙ چورن ۽ ڌاڙيلن کي حساب ڏيڻو پوندو، اسحاق ڊار ڪمپني عوام جو پئسو کاڌو آهي اهو هر صورت ۾ واپس آڻينداسين پاڪستان جي 20 ڪروڙ عوام به اهو چاهي ٿي. جهلم، پنڊ دادن خان، کيوڙه ۽ ٻين علائقن ۾ عوام جي پراڻي مسئلن جي حل سان گڏ تعمير ۽ ترقي جي نون منصوبن جا ڄار وڇائينداسين. هو پنڊ دادن خان، کيوڙه، جهلم ۾ مختلف تقريبن کي خطاب ڪري ره??و هو.
سعودي عرب پاڪستان ۾ اربين روپين جي سيڙپڪاري ڪرڻ چاهي ٿو: چوڌري فواد
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز