اسلام آباد – 26 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته چيڪ پوسٽ تي حملو افسوسناڪ ۽ شرپسنداڻي ڪارروائي آهي، حڪومت جو ايڪشن قانون موجب هوندو، ڪنهن کي به پ??ڪس??ان جي ساک، قومي تشخص ?? قومي مفاد سان کيڏڻ جي اجازت هرگز نه ڏني ويندي. مختلف ٽي وي چينلز سان ??ال??ائ??ندي هن چيو ته خاڙڪمر چيڪ پوسٽ تي حملو انت??ائ?? افسوسناڪ واقعو آهي جنهن جي جيتري مذم?? ڪئي وڃي گهٽ آهي، ان افسوسناڪ واقعي ۾ هڪ جٿي جي شڪل ۾ پاڪ فوج جي چيڪ پوسٽ تي حملي آور ٿي دهشتگردن کي ڇڏرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اهو واقعو هڪ اهڙي وقت ۾ ٿيو آهي جڏهن چين جو نائب صدر پ??ڪس??ان جي موجوده قيادت ۽ عوام سان واڳيل ترقي ۽ خوشحالي جي مشن کي سگهه ڏيڻ اچي رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین