اسلام آب??د – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمرا?? خان وفاقي ترقياتي اداري (سي ڊي اي) جي ??ئين سر جوڙجڪ جي ??نصوبي جي اصولي طور تي منظوري ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته ان حوالي سان منصوبو ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ غور ۽ حتمي منظوري لاءِ پيش ڪيو وڃي، ان منصوبي جو مقصد وفاقي ترقياتي اداري جي ??ئين سر جوڙجڪ ڪرڻ آهي ته جيئن ان کي خدمتن جي ??راهمي ۽ ڪارڪردگي جي ??حاظ کان بهترين ادارو بڻائي سگهجي. نئين سر جوڙجڪ جي ذريعي وفاقي ترقياتي اداري ۾ موثر ڪارپوريٽ گورننس جو ماڊل متعارف ڪرايو ويندو، ان حوالي سان منصوبي جا مقصد وزيراعظم عمرا?? خان جي صدارت ۾ وزيراعظم آفيس ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيا ويا.
مضمون کا ماخذ : کڑک