اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) صوبائي حڪومتون، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ?? اسلام آباد صحت جي رهنما اصولن/ هدايتن تي عملدرآمد ڪرائڻ جي لاءِ پوري ڪوشش ڪري رهيون آهن ته جيئن عوام جي حفاظت ۽ صحت کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪورونا وبا جي ڦهلاءُ تي ضابطو آڻي سگهجي. اين سي او سي پاران جاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران پوري پاڪستان ۾ 7288 ڀيرا حڪومت پاران جاري ڪيل هدايتن جي خلاف ورزي ڪئي وئي. 1070 کان وڌيڪ مارڪيٽس/ دڪانن، صنعتن کي سيل ڪيو ويو ۽ 1234 ٽرانسپورٽرز کي ڏنڊ/ سيل ڪيو ويو.، سڄي پاڪستان ۾ صحت جي رهنما اصولن جي خلاف ورزين ۽ انهن کي لاڳو ڪرڻ جي قدمن بابت تفصيلن موجب اسلام اباد ?? خلاف ورزيون 16، بند / سيل مارڪيٽس/ شاپس 14 ۽ ٽرانسپورٽ 2 آهن. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ?? خلاف ورزيون 390، بند / سيل ڪيل مارڪيٽس/ شاپس 53 ۽ ٽرانسپورٽ 63 آهن، بلوچستان ?? خلاف ورزيون 786، سيل/ بند ڪيل مارڪيٽس/ شاپس 95 ۽ ٽرانسپورٽ 203 آهن، گلگت بلتستان ?? خلاف ورزيون 183، بند/ سيل ڪيل مارڪيٽس/ شاپس 88 ۽ ٽرانسپورٽ 23 آهن. خيبرپختونخواهه ?? خلاف ورزيون 3252، بند / سيل ڪيل مارڪيٽس/ شاپس 178 ۽ ٽرانسپورٽ 105 آهن، پنجاب ?? خلاف ورزيون 2172، بند / سيل ڪيل مارڪيٽس/ شاپس 618 ۽ ٽرانسپورٽ 816 آهن، سنڌ ?? خلاف ورزيون 489، بند/ سيل ڪيل مارڪيٽس/ شاپس 24 ۽ ٽرانسپورٽ 22 آهن.
ايس او پيز جون 7 هزار 288 خلاف ورزيون ڪيون ويون: اين سي او سي
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ