اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو آهي ته ??ڪو??ت قانون جي هڪجهڙي لاڳو جي حوالي سان ڪا به رعايت نه ڪندي، ميان نواز شريف کي وطن واپسي آڻڻ لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا، اين آر او جي حوالي سان ??ڪو??ت بليڪ ميل نه ٿيندي، جڏهن ته وزي??اع??م چيو آهي ته ماضي ۾ ڏنل اين آر اوز جي ڪري ملڪ جي قرضن ۾ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ اضافو ٿيو آهي ۽ ملڪ کي قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڌڪيو ويو آهي، ڪابينا بلوچستان ??ڪو??ت جي درخواست تي بليدا ٽائون انفرااسٽرڪچر ڊولپمينٽ پر??جيڪٽ لاءِ فرنٽيئر ڪور بلوچستان ڏک?? لاءِ ٻن پلٽونن جي منظوري به ڏني. وزي??اع??م عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ تازين برساتن جي نتيجي ۾ ڪراچي سميت سنڌ صوبي جي عوام جي مشڪلاتن جي حوالي سان ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان جي ازالي لاءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو ويو، اجلاس کي قبائلي علائقن جي انضمام کانپوءِ ڪوٽا جي نظام ۽ انهن علائقن ۾ عوام کي ملڪ جي ٻين علائقن جي برابر آڻڻ جي حوالي سان ڪوٽا سسٽم جي اهميت تي بريفنگ ڏني وئي، وزي??اع??م عمران خان ان حوالي سان چيو ته گهٽ ترقي يافته ۽ پوئتي پيل علائقن ۽ طبقن کي ملڪ جي ٻي?? حصن جي برابر آڻڻ موجود ??ڪو??ت جي اولين ترجيح آهي، ڪوٽا سسٽم پهرين وانگر جاري آهي جنهن جو مقصد پوئتي پيل ماڻهن کي ملڪ جي ٻي?? حصن جي برابر آڻڻ آهي، هن چيو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته ڪوٽا سسٽم ۾ انصاف هجي.
حڪومت قانون جي هڪجهڙي لاڳو جي حوالي سان ڪا به رعايت نه ڪندي، ميان نواز شريف کي وطن واپسي آڻڻ لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا: وفاقي ڪابينا
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت