لنڊن – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته قومي ادارن ۾ ڪنهن قسم جو ڪو ٽڪراءُ نه آهي، سازشي نظري?? تي يقي?? نه ٿو رکان ۽ نه ئي ملڪ ۾ اهڙي قسم جي ڪا گنجائش آهي. هيٿرو ايئرپورٽ تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ادارن جي وچ ۾ ٽڪراءُ جو تاثر رڳو اخبارن ۽ ٽي وي چينلز تي ئي نظر اچي ٿو. هن چيو ته سياسي ۽ فوجي قيادت آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري ??يڪ?? ٽلرسن سان اسلام آباد ۾ ٿيندڙ تازي ملاقات ۾ گڏ ويٺل هئي ۽ ملڪ جا سمورا ادارا قومي ترقي ۾ مجموعي طور تي پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن ميڊيا کي ٻڌايو ته هي سندس نجي دورو آهي ۽ ان تي قومي ناڻي جو ڪو به پئسو خر?? نه ٿي??دو. هن چيو ته هو سومر جي رات پاڪستان واپس پهچي وي??دو.
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش