اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا صدر، وزيراعظم ۽ وزيرن جي صوابديدي فنڊن تي پاب??دي لڳائي ڇڏي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيندڙ ڪابينا جي اجلاس بابت صحافين کي بريفنگ ڏي??دي اطلاعات واري وزير فواد چوڌري ٻڌايو ته هي ڪابينا جو ٻيو اجلاس هو، گ??ري?? حڪومت جي دور ۾ ڪابينا جا اجلاس گهٽ ٿيندا هئا پر موجوده حڪومت هڪ هفتي ۾ ٻه اجلاس ڪيا آهن. اطلاعات واري وزير ڪابينا اجلاس جي فيصلن بابت آگاهه ڪ??دي ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا صدر، وزيراعظم ۽ وزيرن جي صوابديدي فنڊن تي پاب??دي هڻي ڇڏي آهي، نواز شريف آخري سال ۾ 51 ارب رپين جا صوابديدي فنڊز خرچ ڪيا، اهو عوام جي ٽيڪس جو پئسو آهي اهڙي طرح بيدردي سان استعمال نه ٿيڻ گهرجي، وزيراعظم عمران خان اهو چوي ٿو ته جيڪڏهن اهڙي طرح اربين رپين جي غ??ط استعمال کي روڪيو وڃي ته ان جو به قومي ناڻي کي فائدو ٿيندو.
وفاقي ڪابينا پاران صدر، وزيراعظم ۽ وزيرن جي صوابديدي فنڊن تي پابندي لاڳو
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔