اسلام آباد – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مخالف ڌر جو گوجرانوالا جلسو فلاپ شو هو، اهي ماڻهو ذاتي ايجنڊا تي عمل ڪري رهيا آهن ان جي لاءِ عوام ذاتي مفادن جي ت??فظ لاءِ ٺاهيل هڪ ٽولي کي سپورٽ نه ڪندي، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي سمجهندي هئي ته اقتدار انهن جو پيدائشي حق آهي ۽ اهي ??دا??ين واريون وٺ??دا ره??دا پر وزيراعظم عمران خان اچي انهن کي اقتدار کان ٻاهر ڪري ڇڏيو آهي، ان لاءِ هاڻي هٿ پير هڻي رهيون آهن، نواز شريف گذريل 40 سالن کان انهي نظام جو حصو رهيو آهي، هاڻي ڪٿان انقلابي اچي ويو، نواز شريف ۾ جيڪڏهن جرئت آهي ته وطن واپس اچي. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته جڏهن توهان ذاتي ايجنڊا کڻي هل??دا ته قوم پٺيان نه ايندي، وزيراعظم عمران خان قومي ايجنڊا تي هلي رهيو آهي ان لاءِ پوري قوم ان سان گڏ بيٺل آهي.
مخالف ڌر جو گوجرانوالا جلسو فلاپ شو هو: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج