ڪولمبو – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سريلنڪا جي هم منصب مهندرا راجا پاڪسي سان نويڪلائي ۾ ملاقات ڪئي ج??هن ۾ ٻطرفن ۽ عل??ئقائي اهميت جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن سريلنڪا جي وزيراعظم جي آفيس ٽيمل ٽريس ۾ منعقد اجلاس ۾ متنوع شعبن ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻنهي ڌرين واپار ۽ سيڙپڪاري، صحت ۽ تع??يم?? زراعت، سائنس ۽ ٽ??ڪن??لاجي، سيڪيورٽي، ثقافت ۽ سياحت جي شعبن ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو. ان کان اڳ وزيراعظم مهندرا راجا پاڪسي ٽپهر بندرا نائڪي انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهچڻ تي وزيراعظم عمران خان جو استقبال ڪيو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی دستیابی