صوابي– 05 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو ??هي ته 7 ڏهاڪا گذري وڃڻ جي باوجود ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد ۾ ڪا به گهٽتائي ناهي آئي، عالمي ادارا ڪشميرين تي ڀارتي ظلم جو نوٽيس وٺن پاڪستان دنيا ۾ تيزي سان ماحولياتي تبديلين کان متاثر ٿيندڙ ملڪ آهي، خيبرپختونخوا حڪومت ۾ وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ بلين ٽري ??ونامي منصوبي جو آغاز ڪيو ويو، بلين ٽري ??ونامي منصوبي مان 3 لک 50 ه??ار ايڪڙ زمين جي واڍي کي روڪيو ويو. جامع صوابي ۾ وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ ا??پيڪر ٻوٽو لڳايو. ان موقعي تي اسپيڪر چيو ??ه بلين ٽري ??ونامي منصوبي جي ڪاميابي جو اعتراف عالمي اداران ڪيو. خيبرپختونخوا دنيا جو واحد صوبو بڻجي ويو ??هي جنهن ”بون چئلينج“ وقت کان پهرين مڪمل ڪيو. هن چيو ??ه عوام کي درخواست ڪريان ٿو ته وزيراعظم جي ويزن موجب ”بلين ٽري ??ونامي“ ۾ وڌي چڙهي حصو وٺن ته جيئن پنهنجي ٻارن ۽ ايندڙ نسلن کي هڪ سرسبز ۽ صاف پاڪستان ڏئي سگهون. هن چيو ??ه اڄ 5 آگسٽ استحصال ڪشمير ڏهاڙي جي موقعي ڀارت جي غير آئيني ۽ غير انساني قدمن جي پرزور مذمت ڪريان ٿو. وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستان حڪومت پنهنجي مظلوم ڪشميرين ڀائرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. وزيراعظم عمران هر فورم تي مظلوم ڪشميرين جي لاءِ آواز اٿاريو ??هي.
7 ڏهاڪا گذري وڃڻ جي باوجود ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد ۾ ڪا به گهٽتائي ناهي آئي: اسد قيصر
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ٹکٹ