اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير مريم اورنگزيب پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالي ورتي. اطلاعات وا??ي وزارت ۾ پنهنجي آفيس اچڻ تي اطلاعات وا??ي سيڪريٽري شاهيره شاهد سميت وزارت جي ٻين اعليٰ آفيسرن اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وزير جي شاندار آجيان ڪئي، کيس وزارت جي معاملن جي حوالي سان بريفنگ پڻ ڏني وئي. مريم اورنگزيب ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي پختو يقين رکي ٿي. هن چيو ته ميڊيا هائوسز، تنظيمن ۽ صحافتي برادري جي ڀلائي لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻنداسين. وفاقي وزير پيڪا آرڊيننس 2016ع تي سمورين ڌرين سان مشاورت ڪرڻ جو اعلان ڪيو. سندس چوڻ هو ته ملڪ جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ سوشل ميڊيا کي فعال بڻايو ويندو ۽ رياست ۽ ان جي ادارن جي خلاف منفي پروپئگنڊه ڪندڙن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. هن چيو ته ملڪي ترقي ۽ حڪومت جي اهم ترقياتي م??صوبن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وزارت جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي، ڊرامي ۽ فلم انڊسٽري جي فروغ لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين. اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير چيو ته پي ٽي وي ۽ اي پي پي سميت وزارت جي سمورن اهم ادارن تي هن وقت ملڪ جي م??جوده سياسي ۽ معاشي صورتحال ۾ عوام کي صحيح معلومات جي فراهمي جي لاءِ وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي، اطلاعات وا??ي وزارت جي عوام کي ٺوس معلومات ۽ خبرن جي فراهمي ۾ اهم ڪردار کي فراموش نه ٿو ڪري سگهجي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته اطلاعات وا??ي وزارت جا سمورا ا??ارا عوامي م??اد جي ڏس ۾ پيشيواراڻي معاملن کي بهتر انداز ۾ سرانجام ڏيندا. سندس چوڻ هو ته اطلاعات وا??ي وزارت ۽ ميڊيا ا??ارن جي وچ ۾ رابطن ج?? فروغ اسان جي اولين ترجيح آهي. ان موقعي تي اطلاعات وا??ي سيڪريٽري، پي ٽي وي جي ايم ڊي ۽ اي پي پي جي ايم ڊي سميت وزارت جا ٻيا ا??ليٰ آفيسر پڻ موجود هئا.
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالي ورتي
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا