اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سينيٽر فيصل جاويد چيو ته ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ جو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ??يٺ آهي، سپريم ڪورٽ جو جيڪو به فيصلو هوندو اسانکي قبول هوندو. انهن خيالن جو اظهار هن سپريم ڪورٽ جي ٻاهر پي ٽي آءِ اڳواڻ علي محمد خان سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پرڏيهي خط ۾ چيو ويو ته وزيراعظم کي جيڪڏهن نٿو هٽايو وڃي ته پاڪستان کي سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا، ان تي ڪيتر??ئي سوال اٿن ٿا، عدم اعتماد کان ٽي ڏينهن اڳ قومي سيڪيورٽي ڪميٽي جو اجلاس رکيو ويو هو، اپوزيشن چيو ته قومي سيڪيورٽي ڪميٽي اجلاس لاءِ اسانکي ڪو دعوت نامو ناهي ڏنو ويو، انهن کي باضابطه خط لکي گهرايو ويو پر اهي نه آيا، متحده اپوزيشن جو مقصد عدم اعتماد آڻي چونڊن ۾ آءِ وي ايم مشين جي استعمال کي ختم ڪرڻو هو، انهن جو مقصد ني?? ۽ اوورسيز پاڪستانين جي ووٽ کي ختم ڪرڻو هو، پرڏيهي سازش جي جيستائين جاچ نٿي ٿئي عدم اعتماد نٿي ٿي سگهي. فيصل جاويد چيو ته اسانجون نون چونڊن لاءِ تياريون عروج تي هجن، اپوزيشن خوفزده ڇ?? آهي عوام ۾ اچي ۽ ميدان ۾ مقابلو ڪري. ان موقعي تي علي محمد خان چيو ته اسان گورننس تي ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيون، مهانگ??ئي کي تسليم ٿا ڪريون، معاملو تبديل ٿي وي?? آهي، هاڻي ??عاملو رياست جو ٿي وي?? آهي، پاڪستان جا فيصلا پرڏيهه مان نه ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته روس رڳو بهان?? آهي عمران خان نشان?? آهي.
ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ جو معاملو، سپريم ڪورٽ جو جيڪو به فيصلو هوندو اسانکي قبول هوندو: سينيٽر فيصل جاويد
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا