اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزي??اع??م شهباز شريف چيو آهي ته قبائلي ضلعن جي عوام دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، اسان انهن جا مقروض آهيون، انهن قربانين کي رائيگان ٿيڻ نه ڏينداسين، حڪومت مقامي آبادي کي سهولت پهچائڻ ۽ سماجي اقتصادي ترقي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اتر وزيرستان جي دوري دوران قبائلي اڳواڻن کي خطاب ڪندي ڪيو. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م قبائلي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن سان گڏ وقت گذاريو. قبائلي اڳواڻن وزي??اع??م جي آجيان ڪئي ۽ وزي??اع??م ??و علائقي جي پهرين دوري تي ٿورو مڃيو جنهن سان قبائلي ضلعن جي لاءِ وزي??اع??م جو ڌيان ۽ فڪر جو اظهار ٿئي ٿو. وزي??اع??م پرامن ۽ مستحڪم پاڪستان جي لاءِ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ هر ممڪن تعاون تي قبائلي اڳواڻن جا ٿورا مڃيا. وزي??اع??م قبائلي اڳواڻن کي يقين ڏياريو ته سندس حڪومت دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ نقصان جي ڪري مقامي آبادي کي سهولت پهچائڻ ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي يقيني بڻائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندي. وزي??اع??م چيو ته قبائلي ضلعن جي عوام وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ اسان انهن جا مقروض آهيون، اسان انهن جي قربانين کي رائيگان ٿيڻ نه ڏينداسين. اسان جي ترجيح پوري پاڪستان وانگر مقامي ڪميونٽي جي لاءِ شهري سهولتن کي يقيني بڻائڻ هوندي. قبائلي اڳواڻن وزي??اع??م کي پاڪستان جي امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجي ڀرپور جو يقين ڏياريو. وزي??اع??م شهباز شريف چيو ته هو اڳ ۾ به اتر وزيرستان اچي چڪو ??هي ۽ هتي هڪ ڀيرو ٻيهر اچي انتهائي خوشي ٿي رهي آهي. هن چيو ته جڏهن دهشتگردي عروج تي هئي، جهڙي طريقي سان توهان پنهنجي ڪلهن تي پنهنجي پيارن، پنهنجي ٻارن، بزرگن، مائر??، ڀينرن، فرزندن جا لاش کنيا، اهي وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته رڳو اهو ئي نه جڏهن پاڪستان وجود ۾ آيو ته ڪشمير ۾ به توهان جي ابن ڏاڏن، توهان جي بزرگن تمام وڏي جنگ وڙهي. وزي??اع??م چيو ته آئون اها ڳالهه دل جي گهراين سان ڪري رهيو آهيان، جيڪي بزرگ ۽ جوان منهنجي سامهون ويٺل آهن، انهن جون قربانيون هر حوالي سان تاريخ ۾ سدائين سنهري لفظن ۾ لکيون وينديون.
قبائلي ضلعن جي عوام دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں