اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير ??لاول ڀٽو زرداري ڪمبوڊيا ۾ جاري آسيان ريجنل فورم جي وزارتي اجلاس جي موقعي تي يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي جوزف بوريل سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير ??لاول ڀٽو زرداري ۽ اعليٰ نمائندي جي وچ ۾ پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ ٻطرفي ۽ علائقائي تعاون جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ٻنهي اڳو??ڻن باقاعده مٽاسٽا ۽ فائديمند گڏيل تعاون جي اهميت تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير ٻطرفي واپار تي جي ايس پي پلس جي اثرن کي ساراهيو. هن پاڪستان ۾ ترقياي منصوبن جي لاءِ يورپي يونين جي حمايت ڪندي پوليٽيڪل ڊائيلاگ سان گڏوگڏ پاڪ يورپي يونين اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جلد کان جلد منعقد ڪرڻ جي اهميت تي ??ور ڏنو. ٻنهي اڳو??ڻن افغانستان جي تازي ??ور??حال ۽ سياسي منظرنامي ۾ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير ??لاول ڀٽو زرداري افغانستان ۾ انساني ۽ معاشي بحران کي روڪڻ جي لاءِ مسلسل رابطن ۽ ڳالهه ٻولهه جي اهميت تي ??ور ڏنو. هن اعليٰ نمائندي کي انساني امداد جي فراهمي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کان به آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير ۽ يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي پاڪستان جي ??ور??حال تي ويجهي رابطاڪاري ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي جوزف بوريل سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ