شرم الشيخ – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ۽ يورپي يونين جي صدر چارلس ??ائيڪل ملاقات ڪئي. چارلس ??ائيڪل پاڪستان ۾ ٻوڏ سب?? ٿيندڙ نقصانن ۽ قيمتي انساني جانين جي زيان تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ يورپي يونين جي احساس ۽ امداد کي ساراهيو، ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته موسمياتي تب??يلين جا تب??هي آڻيندڙ اثر سمورن ملڪن جي اتحاد جا گهرجائو آهن. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ وانگر موسمياتي تب??يلين جي خلاف عالمي اتحا?? گهربل آهي، فيٽف جي گري لسٽ مان پاڪستان جي نڪرڻ ۾ يورپي يونين جي تعاون کي ساراهيون ٿا، پاڪستان ۽ يورپي يونين ۾ گهڻ رخي تعاون جي فروغ جا خواهشمند آهيون، يورپي يونين ۽ پاڪستان جي حصيداري ۽ ٻطرفو تعاون ماضي ۾ گڏيل مفادن کي حاصل ڪرڻ جو اهم ذريعو رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته ماضي جي اعتماد ۽ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جا خواهشمند ۽ منتظر آهيون، موسمياتي تب??يلين جي اثرن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ يورپي يونين جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.
وزيراعظم شهباز شريف سان يورپي يونين جي صدر چارلس مائيڪل جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد